ناميارو اديب مينهون خان سوز بلوچ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتاز سنڌي ) سنڌ جي ناليوارو اديب، شاعر ۽ ڀٽائي جو شارح مينھون خان بنگوار عرف سوز بلوچ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جون آخري رسمون ڪنڌڪوٽ لڳ پنهنجي اباڻي  ڳوٺ ۾ادا ڪيون ويون، مرحوم مختلف ضلعن ۾انفارميشن آفيسر رھيو، رٽائرڊ ٿيڻ بعد ناظمي دور ۾ ڪنڌڪوٽ تعلقي جو نائب ناظم به رھيو، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن شفقت شاهه بخاري، غلام علي سهرياڻي، ارڏو اترادي، غلام علي خان لاشاري، اقرار پيزادو، طارق حسين سانگرو، محب پيرزادو، فرازپيرزادو، استاد بشير کوکر، مهراڻ پيرزادو ۽ ٻين پاران سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، سوز بلوچ جو آخري ٻولي ٻجهارت لکيو ۽ لطيف سائين جو پڻ پارکو هو، اديبن ۽ شاعرن جو چوڻ هو ته مينهون خان بنگوار ادبي دنيا جو هڪ وڏو نالو هو، اسين اعليٰ انسان کان محروم ٿي ويا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.