ڌاٻيجي ڀرسان اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن ۽ استادن ۾ ڀاڄ

ڌاٻيجي (ن ع آ)  ڌاٻيجي ڀرسان  يوسي گهگهر جي  ڳوٺ عثمان دودو ڪبير سالار ۾ قائم گورنمنٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جا چاپڙ اسمبيلي  دوران ڪري پيا شاگردن ۽ استادن ۾ ڀاڄ پئجي وئي نوٽس وٺڻ جو مطالبو انهي موقعي تي استادن اسلم سالار ,عبدالحڪيم جوکيو ,خمن شاھ شيرازي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جي ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول عثمان دودو ڪبير سالار جي  اسڪول ۾ اسمبيلي ۽ تدريسي عمل دوارن ڇت جي عمارت جي اڌ حصي جا چاپڙ ڪري پياجنهن سبب استادن ۽ شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پاران ڪيترائي ڀيرا آفيسرن کي عمارت زبون حال هئڻ جو لکيو آھي ان باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي جنهن  سبب والدين پنهجا ٻار اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا آھين اسين استاد سخت خوف واري ماحول ۾ زبون حال عمارت ۾ تعليم پڙھائڻ تي مجبور آھين هنن تعليم کاتي جي وزير ۽ چيف جسٽس سنڌ کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري معصوم ٻارن جو مستقبل بچايو وڃ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.