لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروائي، منشيات فروش گرفتار

لاڙڪاڻو ( ڊ ر ) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف  ڪاروائيون ڪندي مختلف علائقن مان 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان گٽڪا ۽ چرس هٿ ڪرڻ جيدعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان پي آر او آفيس مان جاري ڪيل معلومات موجب نئون ديرو پوليس ٻن گٽڪا فروشن مير حسن کوسو ۽ ضمير ڀٽو کي 872 گٽڪن جي پڙين، تعلقي ٿاڻي جي پوليس مري چوڪ وٽان گٽڪا سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي منشيات فروش اشرف مري کي 350 پاڪيٽن ۾ بند گٽڪن جي 35 هزار پڙين، رحمت پور پوليس چيڪنگ دوران پير مراد شاهه وٽان منشيات فروش امان الله ابڙو کي اڌ ڪلو چرس، حيدري پوليس گشت دوران لهر ڪالوني مان گٽڪا فروش محمد علي شيخ کي 184 نشي آور سوپارين سميت، ڏوڪري پوليس گٽڪا فروش ڪامران ڏيرو کي گٽڪن سميت ۽ ايئرپورٽ پوليس اشتهاري جوابدار ديدار ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار سمورن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.