داد لغاري جي اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ، ٻار پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور

دادلغاري (  ن ع آ ) دادلغاري ويجهو صوبائي وزيرعبدالباري پتافي جي تڪ ڳوٺ شيرمحمد پتافي جي گورنمينٽ بوائزپرائمري اسڪول ۾  فرنيچر نه هجڻ ڪري معصوم ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آھن مگر تعليم جي اعليٰ عملدارن به هن اسڪول طرف ڌيان نه ڏنو، جڏهن ته اسڪول ۾ نئون مقرر ٿيل استاد دا ئم پتافي چيو ته بوائزپرائمري اسڪول شيرمحمد پتافي ۾ 120 ٻار پڙھن ٿا اسڪول جي ڪمرن ۾ نه پکو آھي نه ئي معصوم ٻارڙن جي ويهڻ لاءِ ڊيڪسون ناهن جنهن سب  معصوم ٻارڙا ايڏي وڏي گرمي ۾ پٽ تي ويهي تعليم پرائن ٿا ان چيو ته ٻارڙن جي سراسري وڌيڪ آھي اسڪول کي هڪ ٻي استاد جي به ضرورت آھي، وڏو وزير، صوبائي وزير تعليم نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.