جهڏي ۾ بشير قريشي جي سالگرهه، سيد جو فڪر عام ڪرڻ جو اعلان

جهڏو (ن ع آ)  جهڏي ۾جسقم پاران شهيد بشير خان قريشي جي 63 هين سالگرهه ميڊيا سينٽر تي ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جسقم اڳواڻن  ديشي نياز کوسو، جسقم ضلعي اڳواڻ ديشي عباس کوسو، گل سنڌي ۽ ٻين پاران شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي ممتاز کوسو، محب ڀيل، ايس ٽي پي جي قادر ڀنڀرو، سجاد ڪنڀر، قومي عوامي تحريڪ جي شاهد ڪلوئي سميت جسقم ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جسقم اڳواڻ پاران شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي پنهنجي محبوب ليڊر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته، شھيد بشير خان قريشي،  سائين جي ايم سيد جو پيغام جھر جھنگ پھچايو، شھيد بشير خان سنڌي قوم جو يگانو عاشق ھو، جنھن سنڌي قوم جي مزاج کي ڏسندي سياست ڪئي، ھر سنڌي ماڻھوءَ جي نه صرف ڏُک ۾ شريڪ ٿيو پر ھن انھن جي مالڪي ڪئي،  جنھن جي ڪري سنڌي قوم جي دليلن ۾ اڄ به شھيد بشير خان زندھ آھي، ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته شھيد قوم جو سرمايو ھوندا آھن، اسان جي به ڪوشش آھي ته فڪر جي ايم سيد کي شھيد بشير خان جيان جھر جھنگ پڄائينداسين، ۽ پنھنجي قوم جي مالڪي ڪنداسين، انھن جي ڏُک ۽ سُک ۾ گڏ بيھنداسين ۽ سنڌ جي حقن وارو مقصد مستقل مزاجي واري جدوجھد ذريعي ضرور حاصل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.