شهيد بشير قريشي جي 63 ھين سالگرھه، قاضي احمد ۾تقريب

قاضي احمد ( ن ع آ) جسقم قاضي احمد طرفان جسقم جي شھيد چيئرمين شھيد بشير خان قريشي جي 63ھين سالگرھ جي ڪيڪ جسقم اڳواڻ پير نعيم فقير ساجن علي ڪنڀر حسن جلالاڻي اعجاز علي خاصخيلي اسلم سوڍر نجف بالادي ڄام سجاد انڙ ۽ ٻين ڪاٽيو تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ شھيد بشير خان قريشي جي سالگرھ جي موقعي تي سموري سنڌ کي جنم واڌايون ڏنيون وڌيڪ چيو ته شھيد وڏو ھڪ بھادر ۽ ارڏو انسان ھيو پر سنڌ دشمن قوتن کان برداشت نه ٿيو ته ڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مالڪي ڪري ان ڪري شھيد بشير خان قريشي کي شھيد ڪرائي ڇڏيو پر اسان سائين جي ايم سيد جي فڪر جا پوئلڳ آهيون ۽ شھيد بشير خان قريشي جي ڇڏيل مشن کي پايا تڪميل تائين ضرور پھچائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.