ماٿيلي واسين جو پوليس ۽ بااثر جي زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپروماٿيلو جي ڳوٺ متو ڊکڻ جي رھواسين جو بااثر وڏيري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي عبدالحڪيم سومرو ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سرحد پوليس ھڪ بااثر وڏيري جي چوڻ تي اسان مٿان  قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، نوجوان دلبر ڊکڻ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيو ھو، پر سرحد پوليس وڏيرن جي وانگارو بڻيل آهي ۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آھي، ان کان علاوه اسان جي گھرن مٿان بلاجواز چڙھائي ڪري اسان جي گھرن کي مسمار ڪري ڇڏيو آھي ۽ گھرن ۾ پيل سمورو سامان کڻائي وئي آهي ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.