مٺياڻي ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو وڌي وئي، ٻارڙي فوت، انگ 3 ٿي ويو، احتجاج

مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ) مٺياڻي ۽ ڀرپاسي گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، مٺياڻي لڳ ڳوٺ علي اڪبر ملاح ۾ گيسٽرو وگھي پنجن سالن جي معصوم نينگري عائشـ ڌي شاھد ملاح فوت فوتين  جو  انگ وڌي 3 ٿي ويو . مٺياڻي اسپتال ۾ دوا اڻلڀ ملاح برادري ڊي ايڇ او نوشھروفيروز  ۽ مٺياڻي اسپتال جي ايم ايس خلاف سراپا احتجاج، ان موقعي تي فوتي معصوم نينگري جي پيءُ شاھد علي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ منھنجا 3 ٻار گيسٽرو ۾ مبتلا آھن جن مان ھڪ نياڻي فوت ٿي وئي آھي باقي ٻـ ٻار اڃان  بي گيسٽرو ۾ مبتلا آھن، سندس وڌيڪ چوڻ ٿو ته مٺياڻي اسپتال ۾ منھنجي نياڻي کي بنا علاج جي واپس موٽايو ويو. سندس چوڻ ھو ٽن ڊاڪٽرن کي منٿو ڪندو رھيس ته دوا لکي ڏيو پرائيويٽ اسٽور تان وٺي اچان ٿو پر ڊاڪٽرن علاج بدران اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، ھوڏانھن معصوم نينگري جي موت جو ٻڌي سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.