ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزب ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ سبزوئي، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر وڪي اني هيٺ اغوا ٿيل ٻار جنيد بکراڻي ۽ نوجوان زوهيب ملڪ جي بازيابي لاءِ ٻئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتال تي ويٺل ل عبدالغني بجاراڻي، وڪيل زاهدشاھ، جماعت اسلامي جي حافظ نصرالله چنو، جسقم جي عبدالسميع ڪلوڙ، جسم جي عباس باجڪاڻي، سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر سوريش آنند، ڊاڪٽروقارخواجا، درپن لال، صرافا بازار جي جنرل سيڪريٽري اشوڪ ڪمار، ايس يوپي جي ڊويزنل صدر ساگر ظريت بجاراڻي، پ ٽ الف جي ضلعي صدر صدرالدين مرهيٽو، سنڌ ملاح فورم جي ڊويزنل صدر بشيرميراڻي، جي يوآءِ جي ابراهيم خاڪي، هيومن رائيٽس جي اڳواڻن بابو سمو، انور جان ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تنگواڻي مان هڪ مهيني کان مٿي ڏينهن ٿي چڪا آھن، ان بعد ست ڏينهن کان ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان زوهيب ملڪ اغوا ٿي ويو آھي پر پوليس انهن کي بازيابي نه ڪرائي سگهي آھي، مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آھي ۽ پوليس پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ وارثن کي خالي دلاسا ڏئي رهي آھي. هنن چيو ته پوليس جي ڪرتوتن جي ڪري عوام بدامني جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي، شھر يا ٻھراڙي جو عوام پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي ٿو نه شھر ۽ نه ئي روڊ رستا محفوظ آھن. هنن وڌيڪ چيو ته معصوم جنيد بکراڻي ۽ زوهيب ملڪ جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج جاري رهندو، اسين سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪيون ٿا ته هونوٽس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ۽ نوجوان ۽ معصوم ٻارکي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.