ڪوٽڏيجي ۾ عزادار کان لکين رپيا ۽ موبائيل فون نڪري ويا

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) خيرپور پوليس محرم الحرام جي مقصد مهيني ۾ به شاهينگ جيب ڪترن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام سنڌ ۾ عزاداري  جي لحاظ کان مشهور شهر ڪوٽڏيجي جتي پري پري کان ايندڙ مومن عزادار غير محفوظ رهيا مجلس عزا ۾ ماتم مان ڪيترن ئي عزادارن مومنين جي کيسن مان لکين رپيا روڪ ۽ 50 کان وڌيڪ موبائيل فونون نڪري ويا جڏھن ته  5 کان وڌيڪ جيب ڪترن کي عزادارن پاران اسڪائوٽ جي مدد سان پکڙي پوليس حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ متاثر مومن عزادار محمد شريف ،جاويد علي قربان علي، عاشق علي سميت ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پري پري کان مظلوم ڪربلا جي شهيدن جي مجلس ۽ ماتم ۾ ايندا آهيون پر افسوس هي مقصد مهينو آهي جنهن ۾ حضرات محمد مصطفي ﷺ جي دين اسلام خاطر امام حسين عليه السلام پنهنجي جانثارن کي قربان ڪري اسلام جي بقا لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر افسوس جو جيب ڪترو هت به نه مڙيا جن اسان جي کيسن ۾ پيل موبائيل فون، هزارين روپيا روڪ ۽ قيمتي ڪاغذات به کيسن مان ڪڍي ويا آهن رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هنن وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي خيرپور سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته جيب ڪترن خلاف ڪارروائي ڪري موبائيل فون روڪ رقم ۽ قيمتي ڪاغذات واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي جڏهن ته شيعا اڳواڻ مجاهد حسين جماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسين ڀر وقت انتظاميا کي مختلف خدشن بابت آگاهي ڏني هئي پر افسوس جو انتظاميا ان تي پورو ناهي لٿو گرفتار ڪيل جيب ڪترن مٿان ڪيس داخل ڪري جن عزادارن جا موبائيل فون نڪري ويا آهن انهن کي لوڪيشن ذريعي ٽريسنگ ڪري موبائيل فونون واپس ڏياريا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.