حيدرآباد جي صحافي ايم اي لغاري جي پُٽ جو پتو نه پيو

حيدرآباد ( رپورٽر) حيدرآباد جي سينيئر صحافي ايم اي لغاري جو نوجوان پٽ ڪامران ايوب گذريل مهيني جي 26هين تاريخ (26 جولاءِ 2022) کان غائب آهي، هو صبح جو ڪجهه سرٽيفڪيٽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ گهران نڪتو هو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي، جنهن جي گم ٿيڻ خلاف هٽڙي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس غائب ٿيڻ خلاف ڊي آءِ جي حيدرآباد کي پڻ درخواست ڏني  وئي آهي. نوجوان ڪامران ايوب، ايم بي اي، ايل ايل بي آهي ۽ هالا ناڪي وٽ مصطفيٰ بنگلوز ۾ رهندو آهي. سندس موبائل فون پڻ ڄاڻايل تاريخ کان بند آهي، ڊي آءِ جي کي ڏنل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪامران ايوب پنج وقت جو نمازي هو ۽ هن جو ڪنهن به سياسي يا مذهبي گروپ سان ڪوبه واسطو نه هو، ياد رهي ته گم ٿيل نوجوان سينيئر صحافي روزاني مهراڻ جي انچارج ايڊيٽوريل پيج ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳوڻي نائب صدر جو ٻيو نمبر پٽ آهي، پوليس ان سلسلي ۾ ڪهڙي پيش رفت ڪئي آهي ان بابت اها ڪابه ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. وارثن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته اسان جو ڪنهن تي به شڪ ناهي آهي ۽ نه ئي اسان جو ڪنهن سان ڪو تڪرار هلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ صحافي تنظيمن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ انهن گهر ڪئي آهي ته نوجوان ڪامران ايوب کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.