سچل ڳوٺ مان گم ڪيل شاگرد جي آزاديءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

نصيرآباد (ت ر) ڪراچي جي سچل ڳوٺ مان 5 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل اردو يونيورسٽي جي شاگرد احمد علي ڦلپوٽو جي بازيابي لاءِ  وارثن نصيرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي شاگرد جي والد صوبو خان،  امڙ بختاور، ياسين سانگهرو، عبدالقدير چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي،،جيڪڏهن ان ڪو ڏوھ ڪيو آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن چيو ته نوجوان ڪراچي جي  وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي  شاگرد آهي، هن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان تعلق ناهي ۽ نه وري غلط جمن ۾ ملوث آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.