لعلو رائنڪ ويجهو اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب نه ٿيا، وارثن پاران احتجاج جو چتاءُ

لعلورائنڪ لڳ ڳوٺ علي اصحابو ۽ ڳوٺ ٻُڍاڻي مان مھينو اڳ اغوا ٿي ويل ٻن نوجوانن عُذير احمد تونيو ۽ بشير چانڊيو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن.

ٻنھي نوجوانن جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي جڏهن ته مغوي نوجوان عُذير احمد تونيو جي وارثن سندس پيءُ مقصود احمد تونيو پيرسن ڏاڏيِ خيران خاتون ڀينرن ۽ ڀائرن پاران گھر اندر سندس بازيابي لاءِ قرآن پاڪ جو ورد ۽ ذڪر ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي

ٻئي مغوي نوجوان بشير احمد چانڊيو جي وارثن پاران پڻ قرآن پاڪ کڻي سندس بازيابي لاءِ وس وارن کي اپيل ڪئي وئي.

مغوين جي وارثن ڏانھُن ڏوھارين موبائل فون تان ڪال ڪري کانئن نوجوانن جي بازيابي لاءِ 40 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي

عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل نوجوان بشير احمد چانڊيو جو ڌاڙيلن پاران موبائل فون تي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھُئڻ ۽ مٿس ھٿيار تاڻي کيس وارثن کي ڀنگ طلب ڪرڻ واري وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي.

مغوي عُذير احمد تونيو جي وارثن الزام لڳائيندي چيو ته سندن نوجوان کي ڳوٺ جکر واسي علي جان چانڊيو اغوا ڪري ويو آھي

مغوي نوجوانن جي وارثن اپيل ڪئي آھي ته سندن پيارن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ روڊبلاڪ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.