لعلو رائنڪ ۾ غيرمعياري ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري جو انڪشاف

لعلورائنڪ وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ ڊيلرن سميت لوڪل واپارين جون موجون لڳيون پيون آهن. غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن کان زراعت کاتي ۽ ضلعي جا ڪامورا به بي خبر بڻيل آهن.

ان حوالي سان ڪامريڊ غلام حسين مغيري ـ لالا حفيظ پٺاڻ ـ مکڻ مغيري – انيس خاصخيلي  ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي  مختلف شھرن  -وڳڻ ـ نصيرآباد ـ  وارھ – پکو ـ لعلورائنڪ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زرعي نقلي دوائن ۽ ڀاڻ  جو ڪاروبار عروج تي پھچي ويو آهي لوڪل واپارين ۽ ڊيلرن جي ٿورڙي لالچ ۾ اچي ڪري زراعت جي تباهي جو سبب بڻجن ٿا ۽ انهن دڪاندارن ۽ ڊيلرن خلاف زراعت کاتي جي لاڳاپيل ضلعي ڪامورا ۽ تعقلي وارھ جو عملدار انسپيڪٽر  ايگريڪلچر ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھي

هنن چيو ته اسين مطالبو ٿا ڪريون ته نقلي غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ بااثر واپارين دڪاندارن  ڊيلرن تعلقي وارھ جي انسپيڪٽر ايگريڪلچر خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي…..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.