ڪوٽڙي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي رهواسين جو احتجاج

ڪوٽڙي ويجهو مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن تي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي پاران پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺڻ خلاف رهواسين  ٻٻر اسٽاپ تي برسات جي جمع ٿيل پاڻي ۾ ويهي  انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڳواڻن مختيار چنا ،امجد مستوئي ،رزاق رند ، علي خان بڙدي سميت ٻين جو چوڻ هو ته برسات کانپوءِ سمورا روڊ رستا پاڻي هيٺ آھن جنهن ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هنن وڌيڪ چيو ته ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ ڪروڙي روپين جي بجٽ هئڻ باوجود پاڻي نيڪال لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا آهن.

اڳواڻن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور سائيٽ مان برسات جو ڪاڻي نيڪال ڪري عذاب واري زندگي کان  بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.