مريم نواز، شهباز گل جي ڊرائيور جي گهرواريءَ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل جي ڊرائيور جي گهرواري جي گرفتاري تي چيو آهي ته ان کي آزاد ڪرڻ گهرجي.

ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار ٻارڙيءَ جي تصوير جاري ڪندي سوال ڪيو ته ان معصوم ٻارڙي ۽ ان جي ماءُ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ آهي ڪير ٻڌائڻ وارو؟ شهباز گل کانپوءِ ڀلي ان جي ليڊر عمران خان يا ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پر معصوم ٻارڙي ۽ ان جي ماءُ کي فوري طور آزادي ملڻ گهرجي.

ن ليگ نائب صدر مريم نواز ان ٽوئيٽ تي چيو ته منهنجي اطلاعن موجب ٻارڙي گڏ ناهي پر ٻارڙي جي ماءُ کي به ڇڏڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته مان راڻا صاحب سان ڳالهايو آهي، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، اسان سان زيادتي ڪندڙن سان به  نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.