وڊيو: پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ هاڪي اسٽيڊيم مان ڪروڙين رپين جي آسٽرو ٽرف هٽائي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) 13 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي لاهور جي نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ڏانهن منتقل ڪرڻ کانپوءِ اتي لڳل ايسٽرو ٽرف جون تصويرون ۽ وڊيوز سامهون آيون آهن، جن سوال اٿاريا آهن ته ڇا ريلي جي انتظامن جي حوالي سان ٽرف کي ڊاهيو ويو.

سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيون آهن جن ۾ ڪجهه ماڻهن کي اسٽيڊيم مان ايسٽرو ٽرف هٽائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وائرل ٿيل انهن وڊيوز ۾ هاڪي اسٽيڊيم ۾ ايسٽرو ٽرف هٽائڻ جا منظر شيئر ڪندي ڪيترائي ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن ته جنهن بيدردي سان عوام جي ٽيڪس جي ڪروڙين رپين جي اسٽروٽرف کي هٽايو پيو وڃي اهو ڪڏهن به ٻيهر استعمال نه ٿي سگهندو.

ڪيترائي واهپيدار هاڪي اسٽيڊيم کي گڏجاڻيءَ جو هنڌ بڻائڻ بدران منٽو پارڪ ۾ گڏجاڻيون ڪرائڻ جون تجويزون ڏيندا رهيا ۽ چون ٿا ته اسٽيڊيم ميٽنگن لاءِ نه بڻايا ويا آهن، هاڪي گرائونڊ جي ڪروڙين رپين جي اسٽروٽرف کي تباهه ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو؟ ان جي سامهون منٽو پارڪ آهي، ان ۾ گڏجاڻي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.