هاءِ ڙي غربت، همراهه جي آپگهات ڪرڻ کان اڳ آڊيو هيانءَ ڏاري ڇڏيا

فيصل آباد ۾ هڪ شخص غربت ۽ بي وسي سبب پنهنجي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو پر سندس موت کان اڳ وارو هڪ آڊيو پيغام سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هي شخص حڪمران طبقي جي ضمير کي جهنجهوڙي رهيو آهي.

اهڙي وڊيو جواد احمد ٽوئٽر تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته هن شخص جي موت جو ذميوار حڪمران طبقو آهي.

انهن جي ڪري ئي غريب ماڻهو مهانگائي کان تنگ اچي آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي.

هن چيو ته اهو سازشي ۽ فسادي عمران خان آهي جنهنجو خيال آهي ته هو هن غريب ملڪ ۾ رڳو عياشي ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن فيصل آباد جي علائقي محمود آباد ۾ عتيق نالي شخص غربت کان تنگ اچي انتهائي قدم کنيو.

همراهه 2 ڌيئرن کي مارڻ کانپوءِ پاڻ به حياتي جو انت آڻي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.