مس يونيورس جي مقابلي ۾ هاڻ پرڻيل عورتون ۽ مائرون به حصو وٺي سگهنديون

 

مس يونيورس جو مقابلو ڪندڙن لاءِ اهليت جي معيار کي تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هاڻ پرڻيل عورتن ۽ مائرن کي به شرڪت جي اجازت ڏني پئي وڃي.

مس يونيورس جي تنظيم ايندڙ سال کانپوءِ مائرن ۽ پرڻيل عورتن کي به مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيندي، تنظيم جي ميمو ۾ چيو ويو آهي ته اسان سدائين وقت سان ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته عورتن کي انهن جي زندگين تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ انسان جا ذاتي فيصلا انهن جي ڪاميابين ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه گهرجن.

مس يونيورس آرگنائيزيشن سدائين پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو ۽ جديد ترين پليٽ فارم آهي ۽ هاڻ اهو مائرن ۽ پرڻيل عورتن لاءِ وڌيڪ سٺو سنئوڻ هوندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ مس يونيورس جي مقابلي ۾ رڳو انهن عورتن کي شرڪت جي اجازت هئي، جن جي عمر 18 کان 28 سالن تائين هئي، اهي پرڻيل نه هيون ۽ نه ئي انهن جا ٻار هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.