مهانگائي سٽيل وچولي درجي جي هڪ ماءُ جا جذبات، ڳوڙها اگهندي وڊيو شيئر ڪيائين !

سنڌ ۾ مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻي غريبن جو گذارو ڪرڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.

گهر جا ڪرايا، بجلي جا بل، کاڌ خوراڪ جو سامان، ننڍي کان ننڍي شئي ايتري مهانگي ٿي وئي آهي جو عوام جا کيسا خالي ٿي ويا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ هڪ وچولي درجي سان تعلق رکندڙ ماءُ جنهن جو نالو رابعه ٻڌايو پيو وڃي هڪ وڊيو شيئر ڪري پنهنجا جذبات لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

وڊيو ۾ هو پنهنجي گهر جو 15 هزار رپين کان وڌيڪ جو بل به ڏيکاري ٿي ته اٽي، گيهه ۽ دالين کانسواءِ خريد ڪيل ٻين شين جا اگهه به ٻڌائي ٿي.

وڊيو ۾ حالتون بيان ڪندي هو جذباتي ٿي وڃي ٿي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي پون ٿا.

ڏسو هي وڊيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.