عمران خان جي صدارت هيٺ سازشي موقف ٺاهيو ويو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز گل خلاف ڪيس رياست داخل ڪرايو آهي ۽ فريادي مئجسٽريٽ آهي.

هي ڪيس نمبر 622 آهي جيڪو ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسلام آباد پوليس شهباز گل کي قانون موجب گرفتار ڪيو آهي. سندس وڊيو جو ٽرانسڪرپٽ ايف آءِ آر ۾ شامل آهي.

هن چيو ته شهباز گل خلاف داخل ڪيس ۾ قلم 505، 120، 120 ڊي، 153، 153 اي، 124 اي ۽ 121 لاڳو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته مان عمران خان ۽ فواد چوڌري کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته انهن سان به قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

لسٻيلي جي سانحي کان پوءِ هن جي گمراهي سامهون آئي ۽ هن پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته قوم ان فساد ۽ فتني کان واقف ٿيڻ واري آهي.

گهرو وزير الزام هنيو ته اها سازش عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪئي وئي. ان سازش ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل به ملوث هو، جنهن کانپوءِ اهو داستان فواد چوڌري ۽ شهباز گل ٻن ماڻهن ڦهلايو.

هن اهو به چيو ته فواد چوڌري چالاڪ آهي پاڻ پاسي ٿي بچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.