رياستي ادارن خلاف پروپيگينڊا، پيمرا جون ٽي وي چينلز کي هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سمورن ٽي وي چينلن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا نه ڪئي وڃي.

هڪ بيان ۾ پيمرا چيو ته ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه ٽي وي چينل رياستي ادارن خلاف غلط معلومات پکيڙي رهيا آهن، ڪجهه ٽي وي چينلن تي اينڪرز ۽ تجزيه نگار غلط معلومات پکيڙي رهيا آهن، چينلن تي اهڙا رجحان رياستي ادارن خلاف منظم پروپيگنڊا جو حصو آهن.

پيمرا جو چوڻ آهي ته اهڙو مواد نشر ڪرڻ پيمرا جي ضابطه اخلاق 2015 جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙو مواد نشر ڪرڻ هاءِ ڪورٽ جي مقرر ڪيل اصولن جي به خلاف ورزي آهي.

پيمرا موجب اظهار راءِ جي آزادي آئين جي آرٽيڪل 19 تحت هر شهري جو بنيادي حق آهي، اظهار جي آزادي جو حق قانون موجب ڪيترين ئي پابندين سان مشروط آهي، سمورا ٽي وي چينل اعليٰ عدالتن جي فيصلن ۽ پيمرا قانونن تي سختي سان عمل ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.