تحريڪ انصاف جو شهباز گل جي گرفتاري خلاف اهم فيصلو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف شهباز گل جي گرفتاري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي ميمبر فيصل چوڌري چيو ته اسان فوري طور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، 5 مختلف ٿاڻن تي وڃڻ باوجود شهباز گل نه ملي سگهيو، ايف آءِ اي سان به رابطو ڪيو، اهي ڪجهه به نه پيا ٻڌائين.

فيصل چوڌري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي ته ان کي منظر عام تي آندو وڃي، شهباز گل جي ڪيس ۾ درخواست داخل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي بچيو.

ذريعن موجب عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ قيادت جي اجلاس ۾ شهباز گل جي گرفتاري تي عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست علي اعواڻ طرفان تيار ڪئي وئي آهي ۽ فيصل چوڌري ڪيس ۾ شهباز گل جي مدد ڪندو.

واضح رهي ته اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي بغاوت جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.