ناڻي واري وزير سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته رپئي جي قدر بهتري ٿي رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿيندي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اثرائتا قدم کڻي ملڪ کي ڊفالٽ کان بچايو ويو، ڏکيائيون ضرور آهن پر بهتر قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، هو درآمد ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ايندڙ ڏينهن بهتر هوندا، هن مهيني آءِ ايم ايف کان قسط ملڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.