پوليس ۾ خرابي ظاهر ٿيڻ تي پوليس جو کاتو ئي ختم ڪيو ويو !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ شهر مان پوليس کاتي کي ئي ختم ڪيو ويو آهي.

رياست الاباما جي هڪ ننڍڙي شهر وينسينٽ ۾ ٻن آفيسرن وچ ۾ نسل پرستاڻي ڳالهه ٻولهه وارا ميسيج ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پوليس جي کاتي کي ختم ڪيو ويو آهي.

انهن پيغامن کي سڀ کان پهريان ويب سائيٽ تي رپورٽ ڪيو ويو هو ۽ ان ئي ڏينهن ونسينٽ سٽي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جيئن ڪو فيصلو ڪري سگهجي.

اجلاس کان اڳ مقامي پوليس جي سربراهه جيمز سرگلي چيو ته سندن کاتي طرفان اندروني جاچ ڪئي وئي.

سٽي ڪائونسل سڄي کاتي کي ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ووٽنگ ذريعي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.