حضرت امام حسين رضه جي عظيم قرباني اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي: صدر

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه جي عظيم قرباني اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ۽ ان ۾  اسان جي لاءِ پيغام آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ تي ٻڌل باطل نظام جي خلاف حق ۽ سچائي جو عَلم بلند ڪرڻ گهرجي، مسلمان امت کي حق ۽ صداقت ۽ دين جي بقاءَ ۽ فروغ جي لاءِ ڄمي بيهڻ گهرجي. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ صدر چيو ته اسلامي تاريخ ۾ محرم الحرام انتهائي عزت ۽ احترام ۽ فضيلت وارو مهينو آهي، هن مهيني ۾ جتي اسلامي تاريخ جا اهم ترين واقعا ٿيا اتي عاشوري جو ڏهاڙو يعني 10 محرم الحرام جو ڏينهن به مسلمان امت لاءِ خاص اهميت ۽ فضيلت رکندڙ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن حضرت امام حسين رضه هڪ ظالم حڪمران جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪندي دين جي سربلندي ۽ حق ۽ صداقت جي لاءِ اهلبيت ۽ ٻين جانثار ساٿين سان گڏ شهادت ماڻي، نواسه رسول صه ڪربلا جي گرم ميدان ۾ حق خاطر پنهنجو ڪنڌ ته ڪٽرائي ڇڏيو پر ان کي باطل قوتن آڏو جهُڪڻ نه ڏنو. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن حضرت امام حسين رضه، اهلبيت ۽ ان جي وفادار ساٿين شجاعت، بهادري ۽ قرباني جو عظام الشان مثال قائم ڪيو ۽ پنهنجي رت سان اسلام کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي، ان انڌوناڪ واقعي ۽ اهلبيت تي بي انتها ظلم تي هر مسلمان جي اک ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. صدر چيو ته حضرت امام حسين رضه جي عظيم قرباني اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ۽ ان ۾ اسان جي لاءِ پيغام آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ تي ٻڌل باطل نظام جي خلاف حق ۽ سچائي جو عَلم بلند ڪرڻ گهرجي، مسلمان امت کي حق ۽ صداقت ۽ دين جي بقاءَ ۽ فروغ جي لاءِ ڄمي بيهڻ گهرجي، خلق خدا کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائيندڙ ۽ الله جي حڪمن جي نافرماني ڪندڙ قوتن جي خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪرڻ گهرجي، انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي حق جي سربلندي ۽ نصرت جي لاءِ صبر، استقامت ۽ جرئت سان جدوجهد جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي. صدر چيو ته جڏهن اسان الله جي دين، سنت نبوي صه ۽ اسوه امام حسين رضه تي عمل پيرا ٿينداسين ته يقينن الله تعاليٰ جي مدد ۽ نصرت به اسان کي حاصل ٿيندي ۽ اسان دنيا ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين. صدر دعوت ڏني ته اچو اسان اڄ جي ڏينهن وچن ڪريون ته اسان اسوه امام حسين رضه تي عمل پيرا ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ جذبه ايثار ۽ قرباني سان سرشار ٿي پنهنجي هم وطنن، خاص طور تي جن کي ٻوڏ صورتحال جي ڪري مشڪلاتون درپيش آهن، انهن جي خدمت ڪنداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان کي سمورين بلائن کان محفوظ رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.