جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان اوٿل ۾ طبي ڪيمپ

ڪراچي(رپورٽر) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال اوٿل ۾ طبي  ڪيمپ لڳائي آهي، جنهن ۾ 700 جي لڳ ڀڳ مريضن جو مفت علاج ۽ معائنو ڪيو ويو ۽ کين اٽڪل هڪ لک روپين جون مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ جي هدايت تي انسٽيٽيوٽ آف فيملي ميڊيسن جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران لڳايل طبي ڪئمپ ۾ 70 سيڪڙو مريضن ۾ عورتون ۽ ٻار هئا. ان حوالي سان جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڏک جي هن گهڙي ۾ بلوچستان جي عوام سان گڏ  بيٺل آهي، برسات ۽ ٻوڏ جي متاثرن ۾ مختلف بيمارين جي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فيملي ميڊيسن جي هڪ متحرڪ ٽيم ۽ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي شاگردن پروفيسر ماري اينڊريڊز جي رهنمائي هيٺ طبي خدمتون سرانجام ڏنيون، اهڙي ميڊيڪل ڪئيمپ لڳائڻ سان ڳوٺاڻن علائقن جي غريب طبقن ۾ صحت بابت آگاهي وڌائڻ سان گڏ انهن جي درن تي مفت معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ انسٽيٽيوٽ آف فيملي ميڊيسن جي سربراھ پروفيسر ماري اينڊريڊز کان علاوه سينيئر ليڪچرار ڊاڪٽر پرديپ راءِ، ليڪچرار ڊاڪٽر صدف بديع الزمان، جي ايس ايم يو جي ميڊيڪل جي آخري سال جي شاگردياڻين سيده ماهين زهرا ۽ حنا جاويد، رجسٽرڊ نرس تبسم، ڊسپينسر ذاڪر خان، جونيئر ڪلارڪ شاھ جهان ۽ نائب قاصد اسد شامل هئا. پروفيسر ماري اينڊريڊز چيو ته مريضن جي وڏي انگ ۾ چمڙي، معدي ۽ ساھ جي انفيڪشن سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن ٻنهي ۾ رت جي گھٽتائي ۽ غذائيت جي کوٽ پڻ ڏسڻ ۾ آئي، ڪيمپ ۾ غير موذي مرض جهڙوڪ ذيابطيس ۽ هائپرٽينشن جو پڻ علاج ڪيو ويو، ميڊيڪل ڪيمپ لاءِ ضروري طبي سامان رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان جي سهڪار سان فراهم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.