پرويز خٽڪ جي فوج سان رابطي جي دعويٰ، ناراضگيءَ جو تاثر رد

 

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ پرويز خٽڪ چيو آهي ته فوج جي پي ٽي آءِ سان ڪا ناراضگي ناهي، منهنجو هاڻ ئي فوج سان رابطو ٿيو آهي.

نوشهرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته حالتون اهڙيون نه هيون جو سڀ سمجهي رهيا هئا عمران خان ختم ٿي ويو، اتحادي حڪومت ڦاسي پئي آهي، اهي نه حڪومت ڇڏي ٿا سگهن نه هلائي ٿا سگهن.

هن چيو ته عمران خان کي رڳو عوام ئي سياست مان آئوٽ ڪري سگهي ٿو، جلد چونڊن لاءِ اتحادي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون ٽوڙي، جيڪڏهن ائين ٿئي ته پي ٽي آءِ به ٻنهي صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجهه ناهي، اهو هڪ ڊرامو آهي، جڏهن ته نواز شريف کي واپس اچڻ گهرجي، هو جيل وڃي يا ضمانت ڪرائي، نواز شريف واپس اچي ۽ ون ٽو ون عمران خان سان مقابلو ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.