واٽس ايپ واهپيدارن جو وڏو مونجهارو حل ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو

سڄي دنيا ۾ ڪروڙين واٽس ايپ گروپ موجود آهن، پر واٽس ايپ گروپن ۾ ماڻهو توهان جو فون نمبر پڻ ڏسي سگهن ٿا پوءِ ان توهان جي مرضي شامل هجي يا نه .

اهو ئي ڪارڻ آهي جو واٽس ايپ اتنظاميا طرفان اهڙي قسم جي فيچر تي ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي واهپيدار پنهنجو فون نمبر مخصوص گروپن يا ڪميونٽي کان لڪائي سگهندا.

هائيڊيور فون نمبر نالي هن فيچر تي واٽس ايپ بيٽا ورزن تي ڪم جاري آهي ۽ ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ اهو متعارف ڪرايو ويندو .

واٽس ايپ ۾ ٿيندڙ اپ ڊيٽس تي نظر رکڻ واري ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو نئين فيچر بابت ڄاڻايو آهي.

هن فيچر تحت فون نمبر کي لڪائڻ سان گڏوگڏ ان جي شيئرنگ کي باءِ ڊيفالٽ ڊس ايبل پڻ ڪري سگهجي ٿو.

سولن لفظن ۾ جڏهن توهان ڪنهن گروپ ۾ شموليت اختيار ڪندئو ته فون نمبر فوري طور هائيڊ ٿي ويندو، البت واهپيدار جي مرضي جيڪڏهن شامل هجي ته نمبر شيئر ڪري سگهجي ٿو.

في الحال اهو فيچر گروپ يا ڪميونٽي تائين محدود هوندو .

ٻئي پاسي واٽس ايپ اسٽيٽس فيچر کي ايپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ واهپيدار اسٽيٽس ۾ وائس وائلز کي ٻڌڻ سان گڏوگڏ ٻين سان چيٽ پڻ ڪري سگهندا.

هاڻ سمورا واهپيدار ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.