حڪومت سوشل ميڊيا تي فوج خلاف مهم هلائيندڙن تي ڏنڊو کڻي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائيندڙن جو پتو لڳائڻ ۽ ڪارروائي لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي.

ان کان اڳ آءِ ايس پي آر افسوسناڪ سوشل ميڊيا مهم جي مذمت ڪندي چيو هو ته اها شهيدن جي وارثن ۽ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ۾ گهري ڏُک ۽ پريشاني جو سبب بڻي.

گهرو وزارت 6 رڪني ٽيم جوڙي آهي، جنهن کي ناڪاري مهم ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي، گرفتاري ۽ قانوني ڪارروائي جو ڪم ڏنو ويو آهي.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله طرفان جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل محمد جعفر ڪندو، جڏهن ته ٽيم ۾ ڊائريڪٽر (سائبر ڪرائم، اتر) وقار الدين سعيد ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران حيدر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز شامل هوندا، ان سان گڏوگڏ آءِ ايس آءِ مان ليفٽيننٽ ڪرنل سعد، آءِ بي مان ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد نثار وقار چوڌري به ٽيم جو حصو هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.