ڊيپ فيڪ ٽيڪنالوجي دنيا لاءِ خطرو بڻجي وئي!

ڊيپ فيڪ ٽيڪنالوجي کي سائبر حملن لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ اها حقيقي دنيا لاءِ خطرو بڻجندي پئي وڃي.

هڪ نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چهرو ۽ آواز بدلائڻ واري هن ٽيڪنالوجي جي استعمال ۾ سال 2021ع دوران 13 سيڪڙو واڌ آئي آهي.

ڊيپ فيڪ اهڙي قسم جي ٽيڪنالوجي آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي شڪل کي ڪنهن ٻئي جي شڪل سان بدلايو ويندو آهي جنهن سان لڳندو آهي ته اها اهڙي شخص جي ويڊيو آهي جيڪا حقيقت ۾ ان جي هوندي ئي ناهي.

رپورٽ موجب ائين چيو ويندو آهي ته دنيا کي جلد ڊيپ فيڪ ٽيڪنالوجي سبب سائبر حملن جي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو پر اهو سلسلو ته پهرين ئي جاري آهي.

هي ٽيڪنالوجي سال 2019ع ۾ مين اسٽريم جو حصو بڻي هئي ۽ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن ذريعي هٿرادو اعتراض جوڳو مواد تيار ڪري عورتن کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو  ۽ سياسي تڪرارن ۾ واڌ اچي سگهي ٿي.

شروعات ۾ ڊيپ فيڪ تصويرن يا ويڊيوز سولائي سان پڪڙ ۾ اچي وينديون هيون پر هاڻ اها ٽيڪنالوجي وڌيڪ بهتر ٿي وئي آهي.

مارچ ۾ يوڪرين جي صدر جي هڪ ڊيپ فيڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن جي هن ترديد پڻ ڪئي هئي پر گهڻي قدر ماڻهن ان ويڊيو کي حقيقي سمجهو هو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2021ع ۾ ڊيپ فيڪ حملن ۾ 78 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ گهڻي قدر ڪاروباري ادارن جي اي ميلز کي هيڪ ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو .

ان مقصد لاءِ هيڪر پاڻ کي ڪنهن ٻئي فرد جي روپ ۾ پيش ڪيو هو ته جيئن حساس تفصيل حاصل ڪري سگهجن.

رپورٽ تيار ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ سائبر حملن جي شرغ ۾ سٺ سيڪڙو واڌ آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.