اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ، اهم خبر اچي وئي

اسرائيل ۽ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم اسلامي جهاد ۾ جنگبندي ٿي وئي آهي.

پاڪستاني وقت موجب رات ڏيڍ وڳي کان ڌرين وچ ۾ جنگبندي تي عمل جاري آهي.

اسلامي جهاد خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي فوج ٻيهر حملو ڪيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

آمريڪي صدر جو بائيڊن ڌرين وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي ٽياڪڙي تي مصري صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃيا آهن.

صدر بائيڊن اسرائيلي حملين ۾ شهرين جي مارجڻ جي جاچ جي گُهر ڪندي عام شهرين جي موت کي الميو قرار ڏنو آهي.

واضح رهي ته عزا پٽي تي ٽن ڏينهن دورا اسرائيلي فوج جي هوائي حملن ۾ پندرنهن فلسطيني ٻارن سميت 44 ڄڻا شهيد ۽ 360 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.