آءِ فون جي نون ماڊلز 14 سيريز جون ڪجهه خاصيتون

ايپل جي نئين آءِ  فون سيريز کي سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي پر آءِ  فون 14 سيريز جي حوالي سان ليڪ جو سلسلو جاري آهي.

مختلف رپورٽن موجب هن سال به آءِ  فونز متعارف ڪرايا ويندا جن ۾ آءِ  فون 14، 14 پرو، 14 ميڪس ۽ 14 پرو ميڪس شامل آهن.

ليڪس موجب هر سال جيان هن ڀيري به نئين آءِ  فونز ۾ ڪئميرا سيٽ اپ کي اپڊيٽ ڪيو ويندو.

MacRumors جي هڪ رپورٽ موجب، هن ڀيري ٻنهي پرو ماڊلز ۾ 48 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا ڏني ويندي جيڪا 8 ڪي وڊيو رڪارڊ ڪري سگهندي.

فرنٽ ڪيمرا کي به ٻين ماڊلز کان بهتر ڪيو ويندو، وڊيو ڪالز لاءِ آٽو فوڪس کي به بهتر بڻايو ويندو.

ماڊلز جي فرنٽ تي سيلفي ڪيمرا هڪ پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني ويندي.

هن ڀيري سمورا نوان آءِ  فونز هڪ نئين واڱڻائي رنگ ۾ به دستياب هوندا.

واڱڻائي آءِ  فون جو رنگ روشني ۾ تبديل ٿيندو ان کانسواءِ آءِ  فون 14 ۽ 14 ميڪس ماڊل واڱڻائي کانسواءِ ڪاري، اڇي، نيري ۽ ڳاڙهي رنگن ۾ موجود هوندا.

14 پرو ۽ 14 پرو ميڪس واڱڻائي گولڊن، سولور ۽ گرافائٽ رنگن ۾ دستياب هوندا.

ڊيزائن ۽ ڊسپلي ۾ فون هن ڀيري آءِ  فون 13 سيريز جهڙا ئي رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.