ڪراچي ۾ نجي گارڊ جو عورت تي بدترين تشدد، وڊيو ڏسي توهان کي به افسوس ٿيندو!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 17 ۾ عورت جي سرعام تذليل ۽ بدترين تشدد جي وڊيو سامهون اچي وئي.

اهو واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، جڏهن ته پوليس تشدد ڪندڙ گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت ۽ سيڪيورٽي گارڊ ۾ بحث ٿو ٿئي، ان دوران اوچتو سيڪيورٽي گارڊ عورت کي زوردار چماٽ ٿو هڻي.

چماٽ لڳڻ کانپوءِ عورت ڪِري ٿي پئي ۽ ان جي ڪوشش دوران بي رحم سيڪيورٽي گارڊ کيس لَت ٿو هڻي، لت لڳڻ سبب عورت بي هوش ٿي وڃي ٿي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي سيڪيورٽي گارڊ خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.