تحريڪ لبيڪ ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجي ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو.

ٽي ايل پي جي سيڪريٽري اطلاعات امجد رضوي موجب هڪ مهينو اڳ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري هئي پر اجازت نه ڏني وئي، راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت ڏني آهي، کانئس پڇون ٿا ته ڇا اسان ڀارت مان آيا آهيون؟

سندس چوڻ هو ته اسان جي جماعت اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ آهي، عمران خان کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت آهي ته اسان کي ڇو نه؟ نظريه پاڪستان مارچ ۽ ڪانفرنس لاءِ ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته نظريه پاڪستان ڪانفرنس ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جي ڀرپور نموني آجيان ڪنداسين ۽ اسان جي پروگرام ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.