گولڊ ميڊل کٽڻ تي صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ارشد نديم کي واڌايون

ڪامن ويلٿ گيمز جي جويلين ٿرو مقابلي ۾ پاڪسان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ايٿليٽ ارشد نديم کي پاڪستان جي نامياري شخصيتن طرفان واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

صدر عارف علوي ارشد نديم کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽڻ ۽ تاريخ جوڙڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته قوم کي توهان جي فخر آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ته ارشد نديم ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي.

شهباز شريف لکيو ته ارشد نديم جي مستقل مزاجي، جذبي ۽ محنت اسان جي نوجوانن لاءِ  هڪ سبق آهي.

وزيراعظم چيو ته ارشد، توهان کي شاندار ڪاميابي تي واڌايون.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پڻ ارشد نديم کي مبارڪون ڏنيون.

ان کانسواءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پڻ نيزا بازي جي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ارشد نديم کي مبارڪون ڏنيون.

ن ليگ جي صدر مريم نواز چيو ته پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ ارشد نديم کي شاباسي ڏني، هن لکيو ته توهان قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي، شاباس چيمپئن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.