ڪامن ويلٿ گيمز: ارشد نديم جيولن ٿرو ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان جي ارشد نديم جويلين ٿرو ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي، هن فيصلائتي مقابلي ۾ 90.18 ميٽر رڪارڊ ٿرو ڪئي، ان سان گڏوگڏ هن 90 ميٽر کان ڊگهي ٿرو ڪندڙ ڏکڻ ايشيا جو پهريون ايٿليٽ هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو آهي.

تاريخي ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته گولڊ ميڊل کٽڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، ٺونٺ ۽ گوڏي ۾ انجري هئي، طبي ماهرن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ريڪوري تي وڏو ڪم ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ، پنجاب اسپورٽس بورڊ جو ٿورائتو آهيان جن سهولتون ڏنيون، مان زخمي هئس، مداح چاهين پيا ته گولڊ ميڊل کٽيان، اميد هئي ته گولڊ ميڊل کٽي مداحن کي خوشي ڏيندس.

ڀارتي ايٿليٽ نيرج چوپڙا بابت خيالن جو اظهار ڪندي ارشد نديم چيو ته جيڪڏهن هو جي ها ته مقابلي ۾ وڌيڪ مزو اچي ها.

پاڪستان 1966ع کانپوءِ ڪامن ويلٿ گيمز ايٿليٽڪس ۾ ميڊل کٽيو جڏهن ته اهو 1962ع کانپوءِ ڪامن ويلٿ گيمز ايٿليڪٽس ۾ پاڪستان جو پهريون گولڊ ميڊل آهي.

ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ پاڪستان جو اهو ٻيو گولڊ ميڊل آهي، ارشد نديم کان پهرين نوح دستگير ويٽ ليفٽنگ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.

پاڪستان ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ٻه سونا، ٽه چاندي ۽ ٽه پتل جا تمغا پنهنجي نالا ڪيا آهن.

پنجاب حڪومت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان انعامن جو اعلان

پنجاب حڪومت گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم لاءِ ڏهه لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي، ٻئي پاسي پاڪستان اسپورٽس بورڊ پڻ جيولن مقابلي ۾ رڪارڊ جوڙڻ ۽ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم لاءِ 50 لک رُپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

ارشدنديم جي ڪاميابي تي پي سي بي به خوش

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پڻ ڪامن ويلٿ گيمز جي جيولن مقابلي ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ايٿليٽ ارشد نديم جي ڪاميابي تي خوش آهي.

پي سي بي طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته شاباش، ارشد نديم، اسان کي توهان جي رڪارڊ ٿرو ۽ گولڊ ميڊل تي فخر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.