ڪراچيءَ اڄ تيز وسڪاري جو امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي کاتي ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ شام يا رات شهر ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته نوَ آگسٽ جي شام يا رات کان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته چوماسي جو اهو اسپيل 14 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو جڏهن ته 12 کان 13 آگسٽ دوران تيز برسات جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي چوماسي جو هڪ ٻيو سگهارو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهي پر ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ بحالي وارو ڪم رولڙي جو شڪار آهي، چمن، پشين، قلعو عبدالله، قلعو سيف الله، هرنائي ۽ زيارت ۾ ٻوڏ متاثر سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.