روهڙي ۾ جلوس ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 عزادار فوت، ڪيترائي زخمي

روهڙي ( ويب ڊيسڪ ) روهڙي ۾ نوَ محرم جي جلوس ۾ مذهبي رسم جي ادائيگي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 عزادار فوت ۽ ڪيترائي زخمي پيا آهن.

روهڙي ۾ نوَ محرم الحرام جي جلوس ۾ مذهبي رسم ضريح اقدس ادائيگي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 عزادار فوت ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب فوت ٿيندڙ عزادرن مان ٽن ڄڻن جي  سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ، جن ۾ گڊو واسي دل شير ولد مورزاده، سکر لوڪل بورڊ جو رهواسي حسن پٺاڻ ۽ هالاڻي واسي منصور ولد بشير احمد شامل آهن.

امدادي ذريعن موجب فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.