ٽي ٽي پي جو اهم ڪمانڊر عمر خراساني ساٿين سميت مارجي ويو

 

ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ڪمانڊر عمر خالد خراساني افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۾ مارجي ويو.

ذريعن موجب عمر خالد خراساني سان گڏ ڪالعدم تنظيم جا وڌيڪ ٻه ڪمانڊر به مارجي ويا، انهن ۾ حافظ دولت ۽ ڪمانڊ مفتي حسن شامل آهن.

ڪالعدم ٽي ٽي پي ذريعن عمر خالد خراساني ۽ ٻن ڪمانڊرن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽي پي جا ٽئي ڪمانڊر افغانستان جي صوبي پڪتيڪا جي علائقي برمل ۾ گاڏي تي سفر ڪري رهيا هئا ته انهن جي گاڏي لينڊ مائن سان ٽڪرائجي وئي.

ذريعن موجب ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ٽئي ڪمانڊر افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ مقرر هئا ۽ ڳالهين لاءِ برمل ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.