مائنس ۽ پلس جو فيصلو زميني خدائن کي نه پر عدالتن کي ڪرڻو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته آهي ته سياسي جماعتن وچ ۾ سخت ٽڪراءُ واري صورتحال آهي، مرڪز ۽ صوبا هڪٻئي جي سامهون ٿي ويا آهن.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته غريقيني سياسي ۽ معاشي حالتون سڀني  ڏيئو اجهائي سگهن ٿيون.

هن چيو ته حڪمران اتحاد پنهنجا ڪيس سامهون رکي نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون.

شيخ رشيد لکيو ته مائنس ۽ پلس جو فيصلو زميني خدائن کي نه پر عدالتن کي ڪرڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي ئي اعتباد ناهي ته پوءِ عمران خان چونڊن کي ڪيئن مڃيندو،  جڏهن ته آگسٽ ترقين ۽ مقررين جو مهينو آهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيوته جيلَ غريبن لاءِ  آهن ۽ اشرافيه لاءِ فائيو اسٽار هوٽل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.