سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 9 محرم الحرام جا ماتمي جلوس، سيڪيورٽي سخت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 9 محرم الحرام جا ماتمي جلوس سخت حفاظتي انتظامن تحت ڪڍيا ويا، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس به بند رهي.

ڪراچي

شهر جو مرڪزي جلوس ٻي پهري جو نشتر پارڪ کان شروع ٿيو ۽ محفل شاهه خراسان کان ٿيندو کارادر ۾ حسينيا ايرانيان امام بارگاهه تي پڄاڻي تي پهتو.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب جلوس جي مرڪزي رستن جي سيڪيورٽي ۽ نگراني لاءِ 5 هزار 313 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي اسنائپرز کي به جلوس جي رستن تي مقرر ڪيو ويو.

ترجمان وڌيڪ چيو ته متبادل رستن تي ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هزار ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو.

لاهور

لاهور ۾ مرڪزي جلوس پانڊو اسٽريٽ اسلام پورا کان شروع ٿيو ۽ عالمگير روڊ کان ٿيندو سراج بلڊنگ چوڪ پهتو، جتي عزادارن ٻي پهري جي نماز پڙهي.

پوءِ جلوس اسلام پورا جي مرڪزي بازار، نيلي بار چوڪ ۽ سول سيڪريٽريٽ کان ٿيندو شام جو پراڻي انارڪلي پهتو، جتي سج لٿي جي نماز پڙهي وئي، جلوس مقرر رستن کان ٿيندو اڌ رات جو واپس پانڊو اسٽريٽ تي پڄاڻي تي پهچندو.

ڪوئيٽا

ڪوئيٽا ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس ظهر جي نماز کانپوءِ امام بارگاهه ناصر العزا مان برآمد ٿيو ۽ پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو اتي ئي پڄاڻي تي پهتو.

شهر ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار مقرر هئا، جڏهن ته جلوس جي رستن تي موجود ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا.

پشاور

پشاور ۾ مرڪزي جلوس صبح 10 وڳي امام بارگاهه حسينيه هال مان برآمد ٿيو ۽ عزادار ٻي پهري جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ڪالي باري جي علائقي ۾ ڪجهه دير ترسيا، پوءِ جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيه تي پڄاڻي تي پهتو.

پوليس موجب شهر ۾ 11 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد

اسلام آباد ۾ انتظاميا طرفان جلوسن دوران 2200 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جلوسن جي نگراني لاءِ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو.

سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي وفاقي تخت گاهه ۾ ڪجهه علائقن ۾ موبائل فون سروس معطل رهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا طرفان سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.