حيدرآباد ۾ جعلي ڊگري ڪيس، چانسلر جي ضمانت منظور

حيدرآباد(رپورٽر) ھٽڙي پوليس جعلي ڊگرين جي ڪيس ۾ گرفتار خانگي يونيورسٽي جي چانسلر حمد الله قاضي کي ڪالهه ريمانڊ لاءِ اسپيشل مئجسٽريٽ زاھد حسين چنا جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي عدالت نجي يونيورسٽي جي چانسلر حمد الله قاضي جي 50 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالھ اسپيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيشي دوران جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي جوڊيشل ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي. جنھن تي عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته اوھان ڪيس ۾ جيڪي قلم لاڳو ڪيا آھن ڇا اھي واقعي اھي ئي قلم آھن، اوھان لکي ڏيو تہ اھي ئي قلم آھن، جنھن تي جاچ آفيسر عدالت کي لکت ۾ ڄاڻ ڏني ته ڪيس ان قلمن هيٺ ئي داخل ڪيو ويو آهي. اھڙي جواب تي عدالت چيو ته اھي قلم ضمانت جوڳا آهن جنھن بعد عدالت خانگي يونيورسٽي جي چانسلر حمد الله قاضي جي 50 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.