فوج خلاف پروپئگنڊا: پ پ جو وڏو بيان اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي جاچ ڪري.

پنهنجي بيان ۾ سليم مانڊوي والا چيو ته جاچ ڪئي وڃي ته فوج خلاف پروپئگنڊا ڪنهن جي هدايت ۽ چوڻ تي ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته هڪ پارٽي پاران فوج خلاف مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، وفاقي جاچ ادارو (ايف آءِ اي) معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻي.

هن چيو ته فوج خلاف پروپئگنڊا جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گھٽ آهي، فوج جي عظيم قربانين کي قوم سلام پيش ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.