”ڇا هي وائسراءِ آهي“ شيرين مزاري جي آمريڪي سفير جي طورخم دوري تي تنقيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شيرين مزاري آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم طرفان ملڪ جي ”ڳجهن علائقن“ جي دوري تي تنقيد ڪندي سفير کي ”وائسراءِ“ قرار ڏئي ڇڏيو.

شيرين مزاري ٽوئيٽ ۾ چيو ته آمريڪي سفير ۽ ان جي گينگ طورخم ويندي پاڪستان جي ڳجهن علائقن مٿان گذري رهي آهي، زمين جي سروي ڪري رهي آهي ۽ کين سرڪاري بريفنگ ۽ ريڊ ڪارپيٽ ڏنو ويو آهي، انهن علائقن ۾ عام پاڪستاني شهري نٿا وڃي سگهن.

هن چيو ته ڇا ڊونلڊ بلوم وائسراءِ آهي ۽ ان جو نالو ۽ تڪبر سڀني تي حاوي آهي؟ آمريڪي سازش تحت حڪومت جي تبديلي جو هڪ ٻيو نڪتو پورو ٿيو.

شيرين مزاري طرفان شيئر ڪيل تصويرن ۾ ڊونلڊ بلوم کي هيلي ڪاپٽر ۾ طورخم بارڊر ويندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ سيڪيورٽي اختياريون کيس بريفنگ ڏئي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.