برساتن کانپوءِ سنڌ ۾ مليريا، ڊينگي، گيسٽرو پکڙجي رهي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته تازين برساتن کانپوءِ سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ واري  علائقن ۾ مليريا، ڊينگي بخار، گيسٽرو ۽ چمڙي جون بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن. ڳوٺن جا ڳوٺ انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن پر سنڌ حڪومت ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي نه مليريا جي روڪٿام  لاءِ ڦوهارا ڪرايا ويا آهن نه وري اسپتالن ۾ ڪنهن قسم جون سهولتون آهن هن چيو ته  ٻي پاسي برسات متاثرن جي ڪا به سهائتا ناهي ٿي حڪومتي وزير مشير ۽ چونڊيل نمائيندا گهمڻ ۽ ڦوٽو سيشن تائين پورا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ حڪومت سنڌ جي ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ڳوٺن ۾ صحت کاتي پاران ڪئمپون قائم ڪري مڇر مار اسپري ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.