فنڊنگ ڪيس: پي ٽي آءِ خلاف جاچ جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکڙجي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اليڪشن ڪميشن طرفان ممنوعه فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي تحقيقات جو دائري ڪار سڄي ملڪ تائين وڌائي ڇڏيو جڏهن ته ايف آءِ اي ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ٽريننگ ڊاڪٽر محمد اطهر وحيد جي سربراهي ۾ 5 رڪني خاص مانيٽرنگ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جيڪا پشاور، لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ فيصل آباد ۾ زونل انڪوائري ٽيم کي ڪوآرڊينيشن جي ذميوار هوندي. مانيٽرنگ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر خالد انيس، ڊپٽي ڊائريڪٽر خواجه حماد، ڊپٽي ڊائريڪٽر چوڌري اعجاز ۽ اسٽنٽ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ شامل هوندا. زونل ڪميٽيون تحريڪ انصاف جي اثاثن جي حوالي سان به تفصيل حاصل ڪندي. تحقيقات پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 جي تحت ڪئي ويندي. مانيٽرنگ ٽيم انڪوائري ٽيمن جي رهنمائي به ڪندي. مانيٽرنگ ٽيم جو باضابط نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.