حمزا شهباز ۽ دوست محمد مزاري پاران نظرثاني درخواستون ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواستون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو  آهي. ذريعن موجب نظرثاني درخواستن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي ۽ فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل رد ڪرڻ جي حڪم نامي کي چئلينج ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نظرثاني درخواستون ايندڙ هفتي داخل ڪرائڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ تي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف درخواست جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي دوست مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي هئي. عدالت عظميٰ فيصلي ۾ چيو هو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو ڪو قانوني جواز ناهي، پنجاب ڪابينا به ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، حمزا شهباز ۽ ان جي ڪابينا فوري طور تي عهدا ڇڏي ڏئي، پرويز الاهي کان وڏي وزير جو حلف ورتو وڃي.

  • پنجاب جي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور(بيورو+م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي مقرري خلاف داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي  آهي. جسٽس مزمل اختر شبير 10 آگسٽ تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. درخواستگذار جي وڪيل ميانداد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي پرنسپل سيڪريٽريءَ مقرري آئين ۽ قانون خلاف آهي. قانون مطابق هڪ سروس ڪيڊر جو آفيسر ٻي سروس ڪيڊر ۾ مقرر نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري گذارش آهي ته عدالت وزيراعليٰ جي پرنسپل سيڪريٽري جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي

  • روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس ذريعي اماڻيل ناڻو جو ڳاڻيٽو 4.8 ارب ڊالر ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اماڻيل ناڻو جو ڳاڻيٽو 4.8 ارب ڊالر ۽ سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 3.1 ارب  ڊالر تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سيٽپمبر 2020ع کان جولاءِ 2022ع تائين جي مدي ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي ذريعي 4.8 ارب ڊالر جو ناڻو ملڪ موڪليو، جولاءِ ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي ذريعي موڪلي ناڻي جو ڳاڻيٽو 188 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.