13 آگسٽ تي جلسي جو اعلان، الظواهري آپريشن ۾ پاڪستان جي فضا جي استعمال جو سوال آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پي ٽي آءِ حڪومت کي اسيمبليز ٽوڙڻ لاءِ هڪ مهيني جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ وڏي جلسي جو به اعلان ڪيو ويو آهي اسلام آباد ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به فيصلي ۽ چونڊن جي عمل تي ڀروسو نه آهي،هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ اسان اسلام آباد ۾ وڏي اجتماع جي تاريخ ڏينداسين، جلسي ۾ اسان چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو الٽيميٽم به ڏينداسين، اسان حڪومت کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگهونفواد چوڌري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هڪ مهيني اندر اسيمبليز ٽوڙي عام چونڊن جو اعلان نٿي ڪري ته پوءِ اسان جي اڳين قدم لاءِ تيار ٿي وڃي،فواد چوڌري چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز جي هوندي شفاف چونڊون نه ٿينديون، پي ٽي آءِ کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز تي ڀروسو نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي 16 آگسٽ تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ها، هن ايمن الظواهري جي مارجڻ جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن کان واضح بيان جو مطالبو ڪندي چيو ته آمريڪي ڊرون حملي ۾ پاڪستان جي سرزمين استعمال جو سوال ئي ناهي بلڪه سوال اهو آهي ته پاڪستان جي فضا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي يا نه، هوڏانهن فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ 13 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ريلي ڪڍندي، ڪارڪن 14 آگسٽ جو جشن به جلسي گاهه ۾ ملهائيندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.