هاڻي قرض وٺندي به شرم اچي ٿو، سيپٽمبر تائين مشڪلات رهندي: ناڻي وارو وزير

ڪراچي(رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پرڏيهي قرض ملڻ  مشڪل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي قرض وٺندي شرم به اچي ٿو، متحده عرب امارات کان 1996 ۾ کنيل قرض اڃا واپس نه ڪيو اٿئون،هن چيو ته سعودي عرب سان به ساڳي ڪار ڪئي آهي، ساڳين ملڪن ڏانهن ٻيهر قرض کڻڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، ڪڏهن شهباز شريف کان ته ڪڏهن آرمي چيف کان فون ڪرايون ٿا، خبر ناهي ته ملڪ ڪيئن هلائي رهيا آهيون،ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس ۾ پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل چيو ته ننڍن دوڪاندارن کان هاڻي فِڪس ٽيڪس بدران ويريئبل ٽيڪس اوڳاڙينداسين،هن چيو ته ٽن مهينن کانپوءِ بجلي سستي ٿي ويندي، اي سي ڪوچز جي في سيٽ تي لڳايل 4 هزار روپين واري ٽيڪس گهٽائي 15 سئو رپيا ڪئي اٿئون، وفاقي حڪومت سخت فيصلا ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي، ملڪ ناقابل يقين چئلينجنگ ماحول کي منهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هو ڪڏهن به قرض وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي حق ۾ نه هو، پر حالتن ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته اسان 500 ملين ڊالر جي پيٽرول سبسڊي ڏئي رهيا هئاسين، هن چيوته اسان دبئي کان سستو پيٽرول وڪرو ڪري رهيا هئاسين. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪ کي گئس جي کوٽ درپيش آهي ۽ فرنس آئل سان مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جڏهن هو اقتدار ۾ آيا ته حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ۾ ڪٽوتي ڪري سخت فيصلا ڪيا، وفاقي وزير چيو ته قوم سندن ساٿ ڏنو، هن چيو ته ڊالر کي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17.4 بلين ڊالر تائين وڌي ويو آهي، هن چيو ته گڏيل عرب امارتن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، گذريل چئن سالن ۾ عمران خان چوندو هو ته ملڪ جو قرض گهٽ ڪنداسين پر بدقسمتي سان قرض وڌندو رهيو، عمران خان قرض ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف رليف فنڊ قائم ڪيو آهي ۽ اهو مڪمل طور تي شفاف فنڊ هوندو، هن چيو ته 3 مهينن کانپوءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي ويندي،هن چيو ته ڊالر جي اگهه ۾ مون يا اسٽيٽ بئنڪ ڪا مداخلت ناهي ڪئي، ڊالر منهنجي مداخلت بعد گهٽ ناهي ٿيو، بلڪه سپلاءِ ۽ ڊمانڊ جي ڪري گهٽ ٿيو آهي،سيپٽمبر تائين مشڪلات رهندي، ڊالر حڪومتي ڪوششن سان هيٺ آيو هن چيو ته هاڻي دنيا کان قرض وٺڻ ۾ مشڪل به اچي ٿي ۽ شرم به اچي ٿو، اسان کي ٽن مهينن تائين پاڪستان ۾ امپورٽ کي روڪڻو پوندو، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ 1150 ميگاواٽ جي وصولي شهرين کان ڪري ٿي، ان کي وفاق پاران هڪ هزار ميگاواٽ مفت بجلي ڏني ويندي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.